بي پي ايل: بابر اعظم پهرين ئي مقابلي ۾ رنگپور رائيڊرز کي فتح ڏياري ڇڏي

ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش پريميئر ليگ جي ستين ميچ ۾ بابر اعظم پنهنجي پهرين مقابلي ۾ ٽيم رنگپور رائيڊرز کي ڪاميابي ڏياري ڇڏي.
ميرپور ۾ کيڏيل ميچ ۾ سهلٽ اسٽرائيڪرز پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر ويهه اوورن ۾ اٺ وڪيٽن جي نقصان تي هڪ سئو ويهه رنسون ٺاهيون، بين ڪٽنگ ۽ بيني هوويل 37،37 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
رنگپورطرفان مهدي حسن ۽ ريپون مينڊول ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون .


سهلٽ اسٽرائيڪرز جي 121 رنسن جي جواب ۾ رنگپور رائيڊرز گهربل هدف 19 هين ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
بابر اعظم 6 چوڪن جي مدد سان 56 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي، عظمت الله عمرزئي به 47 رنسون ٺاهي نمايان رهيو.
بابر اعظم ۽ عظمت کانسواءِ رنگپور جو ڪو به رانديگر ذڪر جوڳي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو.
سهلٽ اسٽرائيڪرز طرفان دشن همانٿا ٽي ۽ نظم السلام هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.