پاڪستاني اداڪارا عمارا چوڌري پائلٽ بڻجي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا عمارا چوڌري ڪمرشل پائلٽ بڻجڻ جو پنهنجو خواب پورو ڪري ورتو.
عمارا چوڌري جي ڳڻپ شوبز انڊسٽري جي بهترين اداڪارائن ۾ ٿيندي آهي، هن جتي اداڪاريءَ ۾ جتي پاڻ مڃرايو آهي اتي ئي پنهنجو خواب به پورو ڪيو آهي.
اداڪارا ڪمرشل اڏام جي پائلٽ بڻجڻ جو لائسنس حاصل ڪري ورتو آهي جنهن جي حوالي سان هن پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي ٻڌايو.
عمارا چوڌري پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته ان خبر کي شيئر ڪرڻ لاءِ پنهنجي سالگرهه جو انتظار ڪري رهي هئي.

ان سان گڏ اداڪارا سول ايويئيشن پاران جاري ڪيل لائيسنس سان گڏ پنهنجون تصويرون به شيئر ڪيون.
واضح رهي ته ان کان اڳ اداڪارا پرائيويٽ اڏام جي پائلٽ بڻجي چڪي آهي ۽ هن ڪمرشل جي پائلٽ بڻجڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.