ٿڌ سبب پاڻيءَ ۾ ڄمي ويل واڳون زندهه بچي ويا

دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ٿڌ عروج تي آهي ۽ مختلف ملڪن برف جي اڇي چادر ويڙهي ورتي آهي.
گذريل ڪجهه هفتن دوران مخلتف ملڪن ۾ پارو رت ڄمائيندڙ حد کان به هيٺ ڪِري پيو آهي ۽ ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٿڌ سبب عام زندگي متاثر ٿي آهي.
آمريڪا ۾ به هاڻوڪن هفتن دوران ٿڌ جي شدت نمايان حد تائين وڌڻ سبب ڪيترين ئي رياستن ۾ گھٽ ترين پاري جا رڪارڊ بڻجي ويا آهن.
حقيقت ۾ ڪجهه رياستن ۾ ته پارو گھٽجڻ سبب پاڻي جا چشما ۽ ڍنڍون به ڄمي ويون آهن ۽ انهن ۾ موجود جانور به پاڻي ۾ ڄمي ويا آهن.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته برف ۾ ڄمڻ باوجود اهي واڳون مُئا نه آهن پر ٿڌي موسم جو مزو وٺي رهيا آهن.
نارٿ ڪيرولائنا ۽ ٽيڪساس ۾ پارو تمام هيٺ ڪِرڻ کان پوءِ ڄميل پاڻيءَ جي اندر موجود واڳن جون تصويرون ۽ وڊيوز سامهون آيون آهن.
انهن واڳن پاڻ کي زندهه رکڻ جو انوو طريقو اختيار ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.
واڳن پنهنجو نڪ برف جي مٿين سطح تي رکيو جڏهن ته ٻيو جسم پاڻي جي اندر رهيو.
ان طريقيڪار کي brumation چيو ويندو آهي جنهن ۾ سڄو جسم ته برف جي اندر هوندو آهي پر نڪ ٻاهر هوندو آهي ته جيئن ساهه کڻي سگھجي.
نارٿ ڪيرولائنا جي سوامپ پارڪ جي انتظاميا پاران اهڙيون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون ويون آهن.
انهن تصويرن ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته واڳن جو جسم برف جي هيٺان آهي پر نڪ ٻاهر موجود اٿن، ته جيئن ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي نه ٿئي.
واڳون، ڪميون، ڏيڏر ۽ نانگ جهڙا ٿڌي رت وارا جاندار ئي brumation طريقيڪار کي اختيار ڪري سگھن ٿا ته جيئن انهن جو جسماني گرمي پد ڪنٽرول ۾ رهي سگھي.
ماهرن موجب اهي جاندار پنهنجو جسماني گرمي پد، ڌڙڪو ۽ ساهه کڻڻ جي رفتار سميت ميٽابولڪ ريٽ گھٽائي ڇڏيندا آهن ته جيئن توانائي محفوظ رکي سگھن.
ائين ان وقت ڪيو ويندو آهي جڏهن انهن لاءِ ٿڌي موسم ۾ جسم چورڻ ممڪن نه هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.