آمريڪي سائفر باجوا لاءِ آيو هو، جنهن جو شاهه محمود کي اتفاقي علم ٿيو: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته شاهه محمود قريشي کي سائفر جي باءِ چانس خبر پئجي وئي نه ته اهو سائفر جنرل (ر) باجوا لاءِ آيو هو، جنهن کي دٻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي، ڇو ته ان سان ڊونلڊ لو ظاهر ٿي ويو هو.
اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ڊونلڊ لو جيڪا ڳالهه ڪئي، ان تي پاڪستاني سفير اسد مجيد آفيسل ميٽنگ ۾ ڊي مارش ڪرڻ جي سفارش ڪئي، سفير جي سفارش تي ڊي مارش ڪيو ويو ۽ چيو پيو وڃي ته سازش نه ٿي، پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن اهڙو سائفر نه آيو، شاهه محمود قريشي کي باءِ چانس ان سائفر جي خبر پئجي وئي نه ته اهو جنرل (ر) باجوا لاءِ آيو هو.
هن چيو ته ٽن هفتن ۾ حڪومت ڪيرائي وئي، ان کان وڏي سازش ڪهڙي آهي؟ سائفر ۾ جيڪڏهن ڪا اڻ ٿيڻي شئي نه هئي ته ڊي مارش ڇو ڪيو ويو؟ ڇا ڪو آمريڪا کي ڊي مارش ڪندو آهي؟ جنهن ڏينهن ڊي مارش ڪيو ويو سائفر ان ڏينهن ئي پبلڪ ٿي ويو هو، نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي ميٽنگ ۾ سائفر کي پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڇو چيو ويو؟ سائفر جي معاملي تي پارليامينٽ جي ڪميٽي ٺاهي وئي، اها ڪنهن جي ڌمڪي تي ختم ٿي؟ اسان چيف جسٽس کي به چيو هو ته سائفر معاملي جي جاچ ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.