”وزيراعظم بڻجي ڪنهن کان انتقام نه وٺندس، نفرت جي سياست جو خاتمو چاهيان ٿو“

 

چنيوٽ (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سموريون سياسي جماعتون اسان جي واعدن جي نقل ڪري رهيون آهن، نقل لاءِ به عقل جي ضرورت هوندي آهي، انهن وٽ عقل ئي ناهي، پراڻا سياستدان نفرت ۽ ورهاست جي سياست ڪري رهيا آهن.
چنيوٽ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو توهان سڀني کي علم آهي ته پاڪستان ڏکئي وقت مان گذري رهيو آهي، پراڻا سياستدان نفرت ۽ ورهاست جي سياست ڪري رهيا آهن، اسان کي پراڻن سياستدانن ۽ سياست کي هميشه لاءِ دفن ڪرڻو آهي، اسان کي نئين سوچ ۽ نئين سياست آڻڻي پوندي، اسان وزيراعظم ٿي ڪنهن کان انتقام نه وٺندس، سياستدان پاڻ ۾ وڙهندا رهيا ته ملڪ دشمن قوتون فائدو کڻي سگهن ٿيون، مان پرڏيهي وزير رهيو آهيان ۽ خبر آهي ته دنيا ۾ پاڪستان خلاف ڪهڙيون سازشون ٿي رهيون آهن.
هن چيو ته پ پ جيالن هر دور جو ظلم برداشت ڪيو آهي، اسان تي ظلم ٿيا پوءِ به پاڪستان کپي جو نعرو هنيوسين، عورتن کي گرفتار ڪرڻ اسان جي سياست جو حصو نه هوندو، منهنجي حڪومت ۾ ڪو ڪارڪن سياسي قيدي نه هوندو.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته عوام چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ جي خواهش رکندڙ کان پڇي ته توهان عوام لاءِ ڇا ڪيو آهي، مان نواز شريف جي نفرت ۽ بغض کان چڱي ريت واقف آهيان، جيڪڏهن هو وزيراعظم بڻجي ويو ته توهان کي خبر ئي ناهي ڇا ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.