ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ ڀارتي ڊگري تي ملازمت ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
اوڀر ضلعي جي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر شاهانه پروين جون ڊگريون سامهون آيون آهن، جيڪي ڀارت جون آهن.
ذريعن موجب شاهانه پروين 1996 ۾ انگريزي ٽيچر طور ملازمت حاصل ڪئي هئي.
شهري ان حوالي سان اينٽي ڪرپشن کي هڪ درخواست ڏني، جنهن ۾ پڇاڻو ڪيو ويو ته ڀارتي ڊگري تي ملازمت ملي سگهي ٿي؟
ان تي اينٽي ڪرپشن اختيارين جواب ڏنو ته ڀارتي ڊگري تي پاڪستان ۾ ملازمت نٿي ملي سگهي.
شڪايت ڪندڙ سوال اٿاريو ته جاچ ڪئي وڃي جيڪڏهن ڀارت جي ڊگري تي پاڪستان ۾ ملازمت نٿي ملي سگهي ته ڀارتي ڊگرين جي تصديق ڪنهن کان ڪرائي وئي ۽ ڪيئن ڪرائي وئي؟
معاملو سامهون اچڻ کانپوءِ اينٽي ڪرپشن جاچ شروع ڪري ڇڏي، جڏهن ته اهڙي قسم جي وڌيڪ ڪيسن جو خدشو به ظاهر ڪيو پيو وڃي.
You might also like