ڪراچي(عوامي آواز نيوز) سوشل ميڊيا تي ڪراچي ۾ آپگهات واقعي تي بحث ٿي رهيو آهي، رخسانه هاليپوٽو لکيو ته هي اٿئو رياست پاڪستان، گهر ۾ ڪجهه نه هئڻ ۽ بکون ڪاٽڻ،بيروزگاري ۽ مهانگائي کان تنگ ٿي ڪراچي ۾ هڪ شخص پاڻ،گهرواري ۽ ٽن ٻارڙن کي زهر ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي، هڪ ٻئي صارف لکيو ته خبر ناهي هن ملڪ ۾ غريب لاءِ آواز ڪير اٿاريندو، مڊل ۽ لوئر مڊل ڪلاس ته صفا ختم ٿي ويو آهي،