نومبر ۾ گلستان جوهر ۾ عورت ۽ ٽن ٻارن جا لاش مليا

ڪراچي:  گذريل سال نومبر ۾ ڪراچي جي علائقي  گلستان جوھر ۾ واقع شير محمد ڳوٺ ۾ ھڪ عورت ۽ ٽن ٻارڙن جا ڳلو ڪپيل لاش مليا هئا. فوت ويلن جي سڄاڻپ صائما زال ارشد ۽ 2 سالن جو احد، 7 سالن جو شاھ زين ۽ 9 سالن جي اشھد جي نالي سان ٿي هئي.

عام چونڊن جي موقعي تي تعليمي ادارن ۾ 8 ڏينهن موڪلون ٿينديون

 اسلام آباد (م ڊ) سڄي ملڪ ۾ عام چونڊن جي موقعي تي تعليمي ادارن ۾ 8 ڏينهن موڪلون ڪيون وينديون. ذريعن موجب سڄي  ملڪ ۾ عام چونڊن جي لاءِ 8 فيبروري 2024 تي پولنگ ٿيندي ۽ ان موقعي تي تعليمي ادارا 8 ڏينهن جي لاءِ بند رهندا. 4 فيبروري تي آچر، 5 فيبروري تي ڪشمير ڊي جڏهن ته 6 کان 10 فيبروري تائين عام چونڊن جون موڪلون ڪيون وينديون. 11 فيبروري تي آچر هوندو. اهڙي طرح 8 موڪلن کان پوءِ 12 فيبروري تي اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون کوليون وينديون.

معاشي ذريعو الله طرفان غيبي مدد آهي:فضل الرحمان

اسلام آباد (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پنهنجي معاشي ذريعي ۽ اثاثن جي حوالي سان  دلچسپ بيان ڏئي ڇڏيو.نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ شرڪت دوران ميزبان مولانا فضل الرحمان کي چيو ته توهان جا ماشاءَالله ڪيترائي گهر آهن، توهان جي ملڪيت، توهان جون زمينون آهن، جنهن تي فضل الرحمان چيو ته ڪي زمينون ناهن،عورت ميزبان سوال ڪيو ته توهان جو معاشي ذريعو ڪهڙو آهي؟ جنهن تي جي يو آءِ سربراهه چيو ته معاشي ذريعو الله طرفان غيبي مدد آهي،ميزبان مسڪرائيندي چيو ته پوءِ مان به غيبي مدد جي دعا ڪيان، جنهن تي مولانا فضل الرحمان سورت آل عمران جي آيت پڙهي ۽ مسڪرائيندي چيو ته جيڪڏهن هو بي حساب ڏئي ٿو ته اسان ڪير ٿيندا آهيون ان جو حساب ڪيون.

پي ايس 101 تي آزاد اميدوار جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ تي ڌرين کان جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ  صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 101 تان آزاد اميدوار جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي . عدالت پي ايس 105 تان آزاد اميدوار اعجاز الدين جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. عدالت ڌرين کان 23 جنوري تائين جواب طلب ڪري ورتو. رٽرننگ آفيسر درخواستگذار جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا هئا، جنهن بعد درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اليڪشن ٽربيونل به نامزدگي ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا آهن. درخوستگذار جي وڪيل چيو ته اسان وٽ سمورا دستاويز ۽ تفصيل موجود آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.