فواد چوڌري پاران عام چونڊن جي مڪمل بائيڪاٽ جو اعلان

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري 8 فيبروري تي شيڊول عام چونڊن جي مڪمل بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. فواد چوڌري  اليڪشن ڪميشن کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن چونڊن ۾ پنهنجي پسنديده اميدوار کي چونڊ نه ڪري سگهجي ته اهڙين چونڊن جو ڪهڙو فائدو؟ مون کي گرفتار ڪيو ويو ته جيئن مان چونڊن ۾ حصو نه وٺي سگهان. هن وڌيڪ لکيو ته اسان جي ڪارڪنن کي ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو ويو، ڪيترائي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا. بنا ڪنهن جواز جي اسان جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا. منهنجي ڀاءُ جا نامزدگي ڪاغذ منظور ٿيا ته ان کي نيب ۾ منهنجو شريڪ جوابدار بنايو ويو. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجا فرض انجام ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. اهڙين حالتن ۾ منهنجو گروپ چونڊن جي مڪمل بائيڪات جو اعلان ڪري ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.