اڄ تائين ڪي به چونڊون ڌانڌلي کان سواءِ ناهن ٿيون:جاويد هاشمي

ملتان(م ڊ) سينيئر سياستدان مخدوم جاويد هاشمي دعويٰ ڪئي آهي ته هن وقت تائين ڪي به چونڊون ڌانڌلي کان سواءِ ناهن ٿيون. ملتان  ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جنهن صورتحال ۾  بيٺا آهيون ان مان ڪيتريون ئي شيون واضح ٿي چڪيون آهن، اليڪشن کانپوءِ سڌارا ايندا يا بربادي ٿيندي. هن چيو ته گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ ظلم ڪيو پيو وڃي، مان چوان ٿو ته اليڪشن ڪرائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ حلقن وارا هاڻي سڌو سوال به نٿا پڇن. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي اسٽيبلشمينٽ ماڻهن کي پنهنجي مرضي خلاف اڳتي اچڻ نه ڏيندي، مان اسٽيبلشمينٽ سان وڙهندڙن سان گڏ بيٺو آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.