حيدرآباد ضلعي اندر ھڪ لک ٻوٽا پوکيا ويندا: ڪاشف شورو

حيدرآباد: لاهوتي ميلي جو افتتاح حيدرآباد جي ميئر ڪاشف علي شوري، سيف سميجو، ثناء خواجا ۽ ٻين سان گڏجي ٻوٽو لڳائي ڪيو. لاهوتي ميلي ۾ موسمياتي تبديلن کي منھن ڏيڻ لاءِ "ھر ھڪ ماڻھو ھڪ ٻوٽو” جي عنوان سان ويهڪ ٿي، جنھن ۾ راڳي سيف سميجھو ماڊيٽر طور ذميواري نڀائي ۽ ميئر حيدرآباد ڪاشف علي شورو مھمان طور شرڪت ڪئي. ويهڪ کي خطاب ڪندي حيدرآباد جي ميئر ڪاشف شوري چيو ته دنيا جو سڀ کان وڏو مسئلو موسمياتي تبديليون آھي، موسمياتي تبدلين کي منھن ڏيڻ لاءِ ھر ھڪ ماڻھو کي ھڪ ھڪ ٻوٽو لڳائڻو پوندو. ھن چيو ته حيدرآباد ضلعي اندر ھڪ لک ٻوٽا پوکيا ويندا. سيشن ۾ سوالن جوابن واري سيشن ۾ سيشن ۾ شرڪت ڪندڙ نوجوانن پاران مختلف سوال ڪيا ويا، جن جا جواب ڏيندي ميئر ڪاشف شوري چيو ته 30 کان 40 سالن کان حيدرآباد کي نظر انداز ڪيو ويو، جنھن ڪري حيدرآباد ۾ مختلف مسئلا آهن، جن کي حل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.