اڳوڻو ڪپتان شعيب ملڪ ۽ ثنا جاويد شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا

ڪراچي ( م ڊ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار آل رائونڊر شعيب ملڪ ۽ مشهور اداڪارا ثنا جاويد شادي ڪري ڇڏي. ڇنڇر جي صبحشعيب ملڪ ۽ ثنا جاويد شادي جون تصويرون پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي شيئر ڪيون جنهن سان گڏ ڪيپشن به ڏنو. پوسٽ جي ڪيپشن ۾ قرآن پاڪ جي هڪ آيت سان گڏ ’الحمدلله‘ لکيو ويو. خانداني ذريعن موجب ثنا ۽ شعيب جي شادي جي تقريب ڪراچي ۾ ٿي، جنهن ۾ دوستن ۽ ويجهن مائٽن شرڪت ڪئي، شادي ڪجهه ڏينهن اڳ ٿي هئي. ان کان علاوه ثنا جاويد پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي پنهنجو نالو ثنا جاويد مان بدلائي ثنا شعيب ملڪ رکي ڇڏيو آهي.

شعيب ملڪ ۽ ثانيه مرزا وچ ۾ طلاق جي تصديق

ڪراچي ( م ڊ ) ذريعن پاران تصديق ڪئي وئي آهي ته اڳوڻي ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا ۽  پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپت انشعيب ملڪ وچ ۾ طلاق ٿي وئي آهي. شعيب ملڪ ۽ ثانيه مرزا جي حوالي سان ڪافي عرصي کان افواهون هلي رهيون آهن ته سندن ازدواجي تعلق سٺو ناهي ۽ ٻئي هڪ ٻئي کان الڳ زندگي گذاري رهيا آهن. ان دوران ثانيه مرزا اڪثر پنهنجون ۽ پنهنجي پٽ جون تصويرون سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪندي رهي پر شعيب ملڪ انهن تصويرن ۾ نظر نه ايندو هو ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ ثانيه مرزا سوشل ميڊيا تي هڪ معنيٰ خيز پيغام شيئر ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته شادي ۽ طلاق ٻئي ڏکيا فيصلا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ثانيه مرزا شعيب ملڪ جي ٻين عورتن سان لاڳاپن تي خوش نه هئي، ثانيه مرزا ڪافي وقت تائين شعيب ملڪ کي نظر انداز ڪندي رهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ثانيه مرزا انتهائي قدم کڻندي شعيب ملڪ کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. ٻئي پاسي شعيب ملڪ جي ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا سان طلاق ٿيڻ تي سندس خاندان انتهائي ڏکارو آهي. ان ڳالهه جو انڪشاف شعيب ملڪ جي ڀيڻوي عمران ظفر ڪيو آهي، هن چيو ته شعيب ملڪ جي گهروارن مان ڪنهن به شادي ۾ شرڪت نه ڪئي، ثانيه سان طلاق تي سندس ڪٽنب ڏکارو آهي. هڏانهن ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي ثانيه مرزا جي پيءُ عمران مرزا مختصر ڳالهه ڪندي چيو ته اها خلع آهي. يعني ثانيه مرزا پاڻ شعيب ملڪ کان طلاق ورتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.