پاڪستان وائيٽ واش کان بچي ويو، آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڪيويز کي شڪست

ڪرائسٽ چرچ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 42 رنسن تان شڪست ڏئي وائيٽ واش کان بچي ويو.
ڪرائسٽ چرچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 134 رنسون ٺاهيون.
گرين شرٽس طرفان محمد رضوان 38، فخر زمان 33، صاحبزادا فرحان 19، عباس آفريدي 15، بابر اعظم 13 رنسون ٺاهيون.
نيوزيلينڊ جي ٽم سائوٿي، ميٽ هينري، لوڪي فرگيوسن ۽ اش سوڌي 2-2 وڪيٽون ورتيون.
جواب ۾ ڪيوي ٽيم 17.2 اوورن ۾ 92 رنسن تي ڍير ٿي وئي، گلين فلپ 26، فن ايلن 22، ٽم سيفرٽ 19، ول ينگ 12 رنسون ٺاهي سگهيا، ٻين مان ڪو ڊبل فگر ۾ به نه پهتو.
پاڪستان طرفان افتخار احمد 3، شاهين آفريدي ۽ محمد نواز 2-2، جڏهن ته زمان خان ۽ اسامه مير هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
ميچ جو بهترين رانديگر افتخار احمد ۽ سيريز جو بهترين رانديگر فن ايلن کي قرار ڏنو ويو.
پاڪستان ميچ ۾ 42 رنسن تان ڪاميابي ماڻي وائيٽ واش کان بچي ويو، جڏهن ته نيوزيلينڊ سيريز 1-4 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.