عالمي چئلينجن تي اثرائتي عالمي سهڪار سان ئي ضابطو آڻي سگهجي ٿو: پاڪستان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان غير وابسته تحريڪ جي 19هين سربراهي اجلاس ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته عالمي چئلينجن تي اثرائتي عالمي سهڪار سان ئي ضابطو آڻي سگهجي ٿو.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب يوگنڊا جي شهر ڪمپالا ۾ ٿيندڙ غير وابسته تحريڪ جي 19هين سربراهي اجلاس ۾ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري سيد حيدر شاهه پاڪستان جو موقف پيش ڪيو.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٻڌايو ته پاڪستان غير وابسته تحريڪ سان پختي عزم جو اظهار ڪيو ۽ غير وابسته تحريڪ جي باني اصولن، امن ۽ سهڪار لاءِ مسلسل حمايت جو به اظهار ڪيو.
ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري اجلاس ۾ چيو ته عالمي چئلينجن تي اثرائتي عالمي سهڪار سان ئي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، پائيدار سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ سڌارا ضروري آهن، ترقي پذير ملڪن ۾ ماليات، واپار ۽ ٽيڪنالاجي جا سڌارا ضروري آهن.
هن چيو ته ڪشمير مسئلو سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب حل ٿيڻ گهرجي، ڪشمير مسئلي کي ڪشميرين جي خواهشن موجب جلد حل ٿيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.