ڪارونجهر جي ڪٽائي برداشت نه ڪئي ويندي، نوجوان مهم ۾ حصو وٺن: ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) سنڌ جي گهڻ گهرن، فنڪارن، شاگردن ۽ شاگردياڻين سنڌ جي تاريخي ثقافتي ورثي ڪارونجهر جي ڪٽائي کي پنهنجي سڃاڻپ جو قتل قرار ڏيندي چيو آهي ته مهذب قومون پنهنجي تاريخ ۽ ثقافتي ورثن کي سنڀالي رکنديون آهن، فطرت جي حسن سال مالا مال ڪارونجهر اسان جو قومي ۽ تاريخي ورثو آهي، هن تاريخي ورثي کي بچائڻ لاءِ نوجوان هلندڙ مهم ۾ ڀرپور حصو وٺن، ڪارونجهر کي بچائڻو پوندو، راڳ ذريعي دھشتگردي جو خاتمو آڻي سگھجي ٿو، لاھوتي ميلي جو مقصد امن، پيار سلامتي ۽ رواداري جي پيغام کي عام ڪرڻ آھي. اهڙو اظهار هنن ڪالھ حيدرآباد جي راڻي باغ ۾ منعقد ڪيل ھڪ ڏينھن واري لاھوتي ميلي ۾ ٿيل "ماحولياتي تبديلي ۽ ڪارونجھر جي فطري حسن جي حفاظت” توڙي ٻين مختلف عنوانن هيٺ ٿيل ويهڪن ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ميلي ۾ ڪارونجھر جي فطري حسن جي حفاظت لاءِ ڪارونجھر مارو مائي باپ جي عنوان ھيٺ ٿيل ويهڪ کي خطاب ڪندي ڪارونجھر واسي الھرکيو کوسي چيو ته ڪارونجھر قدرتي چشمن تي مشتمل ھجڻ سان گڏ اتان جي نوي ھزار آبادي جي روزگار جو وسيلو پڻ آھي. ھن چيو ته ڪارونجهر انسانن، ٻوٽن ۽ جاندارن جي پالنا جو ذريعو آهي، ان سان گڏوگڏ ڪارونجهر مذهبي، ثقافتي ۽ تاريخي ورثو ۽ مقامي ماڻهن جي جياپي جو اهم ذريعو به آهي، ان لاءِ ھو ڪارونجھر جي ڪٽائي ڪڏھن به برداشت نه ڪندا. راڳي سيف سميجو چيو ته نشائي جڏھن به ڇتو ٿيندو آھي ته ھو پنھنجي گھر جا ٽپڙ وڪڻندو آھي، اھڙي ريت اسان جا پاليسي ساز پنھنجي فطري حسن کي وڪڻڻ چاھين ٿا، جنھن جي اسان سخت مخالفت ڪيون ٿا. ميلي ۾ "مٽي جي ڌن” جي عنوان ھيٺ ويهڪ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ نامياري راڳي سيف سميجي ماڊيٽر طور ذميواري نڀائي. ان موقعي تي ناليواري شاعر آڪاش انصاري ۽ ميوزڪ لاجسٽ ذوالفقار علي مھمان طور شريڪ ڪئي. سيف سميجي چيو ته راڳ ذريعي دھشتگردي جو خاتمو آڻي سگھجي ٿو، لاھوتي ميلي جو مقصد امن پيار سلامتي ۽ رواداري جو پيغام عام ڪرڻ آھي. لاھوتي ميلي سنڌ جي سازن، شاعري ۽ موسيقي کي عام ڪيو آھي. ماضي ۾ سنڌي چئنل به سنڌ جي سازن کي عام نه پيا ڪن پر سوشل ميڊيا جي عام ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جا ساز ۽ شاعري مين اسٽريم تي آھي، ناليواري شاعر آڪاش انصاري چيو ته بوڻينڊو سنڌ جو بھترين ساز آھي، اصل ۾ بوڻينڊو ساز ٿر جو آھي، پر اڄ سڄي دنيا ۾ وڄايو پيو وڃي. ناليواري ميوزڪ لاجسٽ ذوالفقار علي چيو ته بوڻينڊو مٽي جو ساز آھي، ان کي ڦوڪ سان وڄايو ويندو آھي ان کي سرن سان ملائڻ ۾ تمام گھڻي مشڪل ٿيندي آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.