سنڌ ۾ چونڊيل نمائندن کان پڇاڻو، سراج دراني ۽ شاهه حسين شيرازي جي وڊيو وائرل

ڪراچي ( م ڊ ) اليڪشن ويجهو ايندي ئي سياسي اڳواڻ جون سرگرميون تيز ٿي ويون آهن، هڪ ڀيرو ٻيهر چونڊيل نمائندن ووٽ لاءِ پنهنجن تڪن  جو رخ ڪيو آهي، سوشل ميڊيا تي گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان مختلف سياسي اڳواڻن جون وڊيوز وائرل آهن جن ۾ تڪ جو عوام کائن سخت پڇاڻو ڪري رهيو آهي. سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني کان ڊکڻ ويجهو ڪُڏڻ ڳوٺ ۾ سوال جواب ڪيا ويا، اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل آهي،  ڳوٺاڻن آغا سراج دراني آڏو روڊ رستا ۽ ٻيون اسڪيمون نه ڏيڻ جون شڪايتون ڪيون آهن،  آغا سراج چيو ته مان 5 سال جيل ۾ هئس روڊ ڪٿان ٺهرايان ها، ٻوڏ ۾ توهان وٽ آيو هئس،  ڳوٺاڻن آغا سراج دراني کي چيو ته اسان وٽ توهان نه آيا هئا. ٻئي پاسي ميرپور بٺوري جي صوبائي تڪ پي ايس 73 تي پيپلزپارٽي جي اميدوار شاهه حسين شاهه شيرازي کان ووٽرن سوال جواب ڪيا، هڪ نوجوان تقريب دوران اميدوار کان سوال ڪندي چيو ته توهان 5 سالن تائين اسان وٽ ڇو نه آيا؟ توهان اسان جي لاءِ ڪجهه به نه ڪيو، نوجوان جي سوالن دوران موبائيل فون بند ڪرائي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.