ڪراچي ۾ چونڊ مهم دوران آغا رفيع الله مٿان فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) گلشن بونير جي علائقي ۾ چونڊ مهم دوران اين اي 230 تان پيپلزپارٽي جي اميدوار آغا رفيع الله مٿان فائرنگ،  نتيجي ۾ هڪ ٻار ۽ 2 ڪارڪن زخمي ٿي پيا جن مان هڪ جي سڃاڻپ مير رسول طور ٿي، ان سلسلي ۾ علائقي واسين موجب واقعو جهنڊا لڳائڻ تان پيش آيو، رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي ملير طارق الاهي مستوئي ٻڌايو ته گلشن بونير ۾ پيپلزپارٽي اميدوار آغا رفيع الله ڪارنر گڏجاڻي بعد واپس وڃي رهيو هو ته فائرنگ جو واقعو پيش آيو فائرنگ سبب 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا هن چيو ته واقعي ۾ آغا رفيع الله محفوظ رهيو جڏهن ته علائقي ۾ پوليس جي وڏي نفري مقرري ڪئي وئي آهي ۽ حالتون ڪنٽرول هيٺ آهن، آغا رفيع الله رابطو ڪرڻ واقعي بابت ٻڌايو ته گلشن بونير ۾ چونڊ مهم سلسلي ۾ ڪارنر گڏجاڻي ۾ شرڪت بعد واپس وڃي رهيا هئاسين ته قافلي مٿان فائرنگ جو واقعو پيش آيو جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڪارڪن زخمي ٿي پيا جن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو ڪارڪنن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، پيپلزپارٽي ضلعي ملير جو صدر ۽ ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد جناح اسپتال پهچي گلشن بونير واقعي جي زخمين جي عيادت ڪئي، هن چيو ته واقعو مذمت جوڳو عمل آهي شرپسند عناصرن پاران پ پ ڪارڪنن تي حملو ڪيو، نگران حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن کي درخواست آهي ته واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.