بلوچستان ۾ گئس ڀرجڻ سبب ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ 3 پورهيت فوت

ڪراچي (م ڊ) بلوچستان جي علائقي دکي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ گئس ڀرجڻ سبب 3 پورهيت فوت ٿي ويا، ڪوئيٽا کان چيف مائنز انسپيڪٽر عبدالغني موجب کاڻ مان لاش ڪڍيا ويا، کاڻ کوٽيندڙن  جو تعلق افغانستان سان هو، چيف مائنز انسپيڪٽر ٻڌايو ته ڪوئلي جي کاڻ کي مناسب سهولتون نه هجڻ سبب سيل ڪيو ويو هو، هن چيو ته ڪوئلي جي کاڻ مالڪ غيرقانوني طور تي کاڻ جي کوٽائي ڪرائي رهيو هو.

ملازمن جون پگهارون ڊبل ڪيون وينديون: خورشيد شاهه

سکر (عوامي آواز نيوز)  پيپلزپارٽي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته ماضي ۾ ڪمشنر کان پڇي نمائندا چونڊيا ويندا هئا، ملازمن جون پگهارون ڊبل ڪيون وينديون، سکر ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي  خورشيد شاهه چيو ته جيڪو مشن ذولفقار علي ڀٽو اڌ ۾ ڇڏيو هو اِهو اسان مڪمل ڪنداسين، طاقت جو سرچشمو عوام آهي، ماضي ۾ عوام کان پڇيو نه ويندو هو ڪنهن کي نمائندو بڻايون، ڪمشنر کان پڇي نمائندا چونڊيا ويندا هئا، هن چيو ته هاڻي عوام کان پڇي ڪري نمائندا چونڊيا ويندا آهن، اسان جيڪي عوام سان واعدا ڪيا پورا ڪري ڏيکاريا، بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام ڏنو، هاڻي ان ۾ اضافو ڪنداسين، ملازمن جون پگهارون وڌائي ڊبل ڪنداسين، بجلي جو مسئلو آهي، سولر پئنلز ذريعي مفت بجلي ڏينداسين، اسان چاهيون ٿا ته رياست مضبوط ٿئي، عوام پنهنجي پيرن تي بيهي.

پاڪ- ايران پرڏيهي وزيرن جو فون تي رابطو، ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن وچ۾ هڪ ڀيرو وري ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي، جنهن ۾ ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ذريعن  موجب، جليل عباس جيلاني ۽ ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۾ رابطو ٿيو آهي، ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزير تازي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني قومي سلاميتي ڪميٽي کي ايراني هم منصب سان ڳالهه ٻول کان آگاهه ڪندو. واضح رهي ته ان کان اڳ پرڏيهي کاتي، پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ هاڪاري پيغامن جي ڏي وٺ جي به تصديق ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.