ساوند سندراڻي تڪرار ۾ هڪ ٻيو تعليم يافته شخص نشانو، قادرپور ۾ بينڪ ملازم قتل

گهوٽڪي (رپورٽ: آزاد مهر)ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي مان شروع ٿيل ساوند  سندراڻي تڪرار گهوٽڪي ۾ تباهي مچائي ڇڏي، هٿياربند قادرپور ۾ وچ شهر ۾ فائرنگ ڪري نجي بينڪ جي ملازم جان محمد سندراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، حد قادرپور ۾ ساوند سندراڻي تڪرار هڪ دفعو ٻيهر ڪر کنيو، وچ شهر ۾ هٿياربندن گوليون هڻي شهر مان سبزي وٺندڙ نجي بينڪ جي ملازم نوجوان جان محمد سندراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس پهچي مقتول نوجوان جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال منتقل ڪرايو جتان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو سندراڻي ساوند تڪرار تان پيش آيو آهي وڌيڪ جاچ ڪريون پيا، واقعي بعد سوڳ ۾ شهر بند ٿي ويو، ياد رهي ته ڪنڌڪوٽ جي ڪچي مان ڪارنهن تڪرار تان ساوند سندراڻي تڪرار شروع ٿيو هو جيڪو گهوٽڪي تائين پهچي ويو، ٻنهي ڌرين جي تڪرار تان مختلف وقتن تي ٻن ڌرين هڪ ٻئي مٿان ڪيترائي ڀيرا حملا ڪيا آهن، جنهن ۾ هن وقت تائين پروفيسر اجمل ساوند سميت ٻنهي ڌرين جا 20 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن، ٻئي پاسي قادرپور جي شهرين جو وڻ هو ته ساوند سندراڻي تڪرار سبب شهر جي رونق ختم ٿي وئي آهي ۽ ڪاروبار به سخت متاثر ٿي رهيو آهي، ساوند سندراڻي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڪنهن به سردار يا چڱي مڙس حامي ناهي ڀري جنهن ڪري قتلي عام ٿي ويو آهي،شهرين نگران حڪومت کان نوٽيس وٺي ڄاڻايل تڪرار کي ختم ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.