رياض چانڊيو پاران چونڊن ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي جي حمايت جو اعلان

حيدرآباد(رپورٽر) جيئي سنڌ محاذ، ايندڙ عام چونڊن  ۾ پي ايس 67 بلڙي شاهه ڪريم تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي مڪمل حمايت ۽ سهڪار جو اعلان ڪيو آهي. ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جسم چيئرمين رياض علي چانڊيو جي قاسم آباد واري رهائشگاهه سخي ستار ڏنو چولياڻي هائوس حسين سومرو ڳوٺ پهتو، جتي هن رياض چانڊيو ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، ملاقات بعد رياض چانڊئي ۽ ڊاڪٽر قادر مگسي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. ان موقعي تي جسم  چيئرمين رياض چانڊئي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ترقي پسند پارٽي جو چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي صوبائي تڪ پي ايس 67 بلڙي شاهه ڪريم تي چونڊ وڙهي رهيو آهي، جيئي سنڌ محاذ اهو فيصلو ڪيو آهي ته سنڌ دوست ڌريون جيڪي سدائين سنڌ جي حقن جي تحفظ جي لاءِ جدوجهد جي ميدان ۾ رهيون آهن انهن جي ايندڙ عام چونڊن ۾ ڀرپور حمايت ڪجي ۽ سندن سهڪاري بڻجي، ان ڪري اسان ڊاڪٽر قادر مگسي جي مڪمل حمايت ڪيون ٿا. هن چيو ته پيپلزپارٽي سڄي سنڌ ۾ بربادي ڪئي آهي، ڪا به اهڙي جاءِ ۽ ادارو ناهي جتي پيپلزپارٽي تباهي نه ڪئي هجي، پيپلزپارٽي بوگس ۽ جعلي آدمشماري قبولي سنڌين جي حق حاڪميت ۽ وجود جي لاءِ خطرا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته هن ملڪ ۾ بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ ورڪنگ ڪلاس ۽ قومپرست سوچ جا ماڻهو زمانن کان اسيمبلين ۾ ايندا رهيا آهن پر سنڌ ۾ جيڪو به قومي جدوجهد ڪندي سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندو ان جي لاءِ پارلياماني سياست جا در بند ڪيا ويا آهن، اسان جا نوجوان سنڌ جي حقن جي لاءِ ڏينهن رات روڊن رستن تي جدوجهد ڪن ٿا، پر اسيمبلين ۾ سنڌ مان موقعي پرست ماڻهو اچي سنڌ جي خلاف بل ۽ ڪارا قانون پاس ڪن ٿ. ان ڪري ضرورت آهي ته روڊن ۽ رستن جي جدوجهد سان گڏ پارلياماني سياست ۾ توازن پيدا ڪجي، جيڪڏهن اڄ ورڪنگ ڪلاس ۽ قومپرست سوچ جو هڪ ٻه ماڻهو اسيمبلي ۾ پهچندو ته ايندڙ 5 سالن کانپوءِ انهن ماڻهن جو تعداد وڌي ويندو ۽ قومپرست سوچ وارا پڙهيل لکيل ماڻهو اسيمبلي ۾ داخل ٿيندا. هن چيو ته اڄ وسيلن سان مالا مال خوشحال سنڌ جا ماڻهو هڪ ويلي جي ماني ڳڀي جي لاءِ پريشان آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.