واشنگٽن (م ڊ ) آمريڪي صدر جو بائڊن پاڪ- ايران ڇڪتاڻ تي بيان ڏنو آهي ته فضائي حملن مان ظاهر ٿئي ٿو ته خطي ۾ ايران کي پسند نه ٿو ڪيو وڃي. وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر چيو ته مون کي خبر نه آهي ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال هاڻي ڪهڙي پاسي وڃي ٿي، اها ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ان سموري صورتحال ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ٿئي ٿي.آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ ايران پاران هڪ ٻئي تي فضائي حملا ڪيا ويا آهن، حملن مان ظاهر ٿئي ٿو ته خطي ۾ ايران کي پسند نه ٿو ڪيو وڃي.وائيٽ هائوس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ اضافو نه ٿو ڏسڻ چاهي.