ڄامشورو: ايم نائن موٽر وي تي ڦر دوران مزاحمت ٽرالر ڊرائيور قتل، ڌرڻو

ڄامشورو (ڊ ر) ايم نائن موٽر وي تي ٽرالر ڊرائيور کان ڦر، مزاحمت تي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، ڪڻڪ سان ڀريل ٽرالر پنجاب کان ڪراچي وڃي رهيو هو ته ٽول پلازا لڳ ڦورن سان مزاحمت تي ڊرائيور مارجي ويو، ٽرالر ڊرائيورن ايم نائن موٽر وي تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، سوين گاڏيون بيهجي ويون، مسافرن کي پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو، مقتول ڊرائيور جي سڃاڻپ پنجاب واسي اعجاز پٽ يوسف علي طور ڪئي وئي، ڊرائيورن جو چوڻ هو ته بدامني وڌي وئي آهي، هر آءِ ڏينهن ٽرالرن کان ڦرلٽ ڪئي وڃي ٿي،

اعجاز علي جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ ٻيهر ڌرڻو هنيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.