عارف علوي شفاف چونڊن لاءِ سپريم ڪورٽ کي خط لکي: بئريسٽر گوهر

اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بئريسٽر گوهر خان صدر کان موجوده صورتحال ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪندي  چيو آهي ته ڊاڪٽر عارف علوي شفاف چونڊن لاءِ سپريم ڪورٽ کي خط لکي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته پي ٽي آءِ به صورتحال جي بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. صدر شفاف چونڊن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، کيس سپريم ڪورٽ کي خط لکڻ گهرجي. هن چيو ته صدر اسان سان گڏ بيٺو آهي، هو جڏهن به ايندو اسان سان گڏ هوندو، سندس آجيان ڪنداسين. بئريسٽر گوهر دعويٰ ڪئي ته آمريڪي سفير سميت ڪنهن به سفارتڪار عمران خان سان جيل ۾ ملاقات ناهي ڪئي، خان صاحب سان سندس گهرواري، وڪيلن ۽ ڊاڪٽرن کانسواءِ ڪنهن به ملاقات ناهي ڪئي، عمران خان ڪنهن سان به ڳالهين جي موڊ ۾ ناهي، نه ئي ڪير ساڻس ڊيل ڪرڻ جي جرئت ڪري سگهي ٿو.عمران خان چئي چڪو ته سندس جيئڻ مرڻ هن ملڪ سان آهي. هن چيو ته عمران خان کي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي ڀروسو آهي، اسان عدليه کي چئي رهيا آهيون ته جڏهن اوهان تي اعتماد آهي ته اسان جون درخواستون ڏسو. بئريسٽر گوهر چيو ته اليڪشن ڪميشن 13 سيپٽمبر تي اسان کي چونڊ نشان ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، اليڪشن ڪميشن بعد ۾ چونڊ نشان ڏيڻ واري فيصلي کان پوئتي هٽي ويو، اسان آرڊر لاءِ درخواست ڏني هئي. هن دعويٰ ڪئي ته اڪبر ايس بابر اسان جو ميمبر نه پر پلانٽ ٿيل ماڻهو آهي، هو ڪنهن جي اشاري تي ڪم ڪندو آهي، جڏهن کيس ڪو اشارو ڏنو ويندو آهي ته هو اچي ڪيس وڙهندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.