اسلام آباد ( م ڊ) پنهنجي منفرد ڳائڻ سان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ چاهت فتح علي خان پنهنجي پارٽي جي رجسٽريشن ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پهچي ويو. اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چاهت فتح علي خان چيو ته مون کي سياست جو شوق آهي ۽ پارٽي رجسٽريشن لاءِ اليڪشن ڪميشن آيو آهيان. هن چيو ته جيڪڏهن پارٽي رجسٽرڊ نه ڪئي وئي ته هو عدالت سان رجوع ڪندا. هن چيو ته ميوا ۽ ڀاڄيون مهانگيون نه ٿيڻ گهرجن، هو انتقامي سياست جو خاتمو به چاهي ٿو.