ڪي اليڪٽرڪ کي 20 سالن لاءِ بجلي تقسيم جو نئون لائسنس جاري

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ بجلي جي تقسيم ڪندڙ نجي ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ کي بجلي جي ورهاست جو نئون لائسنس جاري ڪيو ويو  آهي، نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي ڪي اليڪٽرڪ کي 20 سالن جي لاءِ لائسنس جاري ڪري ڇڏيو آهي، نيپرا موجب ڪي اليڪٽرڪ جي عبوري لائسنس جو مدو پورو ٿي رهيو هو ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي 6 مهينن جو عبوري لائسنس ڏنو ويو هو، نيپرا موجب ڪي اليڪٽرڪ کي بجلي جي ورڇ جو لائسنس 18 جنوري 2044 تائين جاري ڪيو ويو آهي، ياد رهي ته نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي لائسنس جي تجديد جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي هئي ۽ 28 نومبر 2023 تي ٻڌڻي مڪمل ڪرڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.