سنڌ ٽوئرزم ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن طرفان ريليون ڪڍڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ٽوئرزم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن ڪراچي ۾ 2 مختلف ريليون  ڪري رهي آهي جنهن ۾ 30 هيوي بائيڪ سوار ۽ 50 سائيڪل سوار مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شامل آهن جنهن جو مقصد سنڌ جي ثقافتي تاريخ،  صحتمند زندگي ۽ ماحول بابت آگاهي کي فروغ ڏيڻ آهي، سنڌ ٽورازم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن (STDC) ٽريول ايجنٽس ايسوسيئيشن آف پاڪستان (TAAP) جي سهڪار سان ”ڪراچي کان چوڪنڊي تائين بائيڪ ريلي ۽ سائيڪل ريلي“ منعقد ڪئي آهي ۽ اها 21 جنوري 2024 آچر تي  ڪئي ويندي. سنڌ حڪومت جي سياحت، ماحوليات، موسمياتي تبديلي ۽ ساحلي ترقي واري نگران وزير ارشد ولي محمد چيو ته هي قدم سنڌ جي منفرد تاريخ، ثقافت ۽ خوبصورتي کي اجاگر ڪرڻ ۽ شهرين ۾ صحتمند سرگرمين جي حوصلا افزائي ڪرڻ جي اسان جي عزم کي ظاهر ڪري ٿو. سائيڪل ريلي جو 33 ڪلوميٽر جو سفر صبح 7 وڳي ڊيلا والا شاپنگ سينٽر ڪلفٽن ڪراچي کان شروع ٿيندو ۽ سنڌ جي تاريخي چوڪنڊي مقام تي صبح 8:15 تي ختم ٿيندو. تقريب صبح 10:00 وڳي تائين جاري رهندي، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن کي چوڪنڊي جي اهم تاريخي ۽ ثقافتي ورثي بابت معلوماتي سيشن ۽ تفريحي سيشن پيش ڪيا ويندا.

سرگوڌا: آزاد اميدوار جي وفات سبب تڪ اين اي 85 تي اليڪشن ملتوي

سوگوڌا (م ڊ) سوگوڌا ۾ آزاد اميدوار جي وفات جي ڪري قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 85 تي اليڪشن ملتوي ڪئي وئي آهي، ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر طرفان جاري نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته آزاد اميدوار صادق علي وفات جي ڪري 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊون تڪ ۾  نه ٿينديون، ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر موجب اين اي 85 ۾ اليڪشن جي تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.