سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ذوالفقار مرزا ۽ فهميده مرزا کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت

ڪراچي/ بدين (رپورٽ: ماريا اسماعيل/ رازق ڏنو کوسو) ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ فهميده مرزا کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ملي وئي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا فهميده مرزا جون آئيني درخواستون منظور ڪري ورتيون، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا  ۽ فهميده مرزا کي  چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ فهميده مرزا اين اي 223 تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا، ذوالفقار مرزا پي ايس 70، 71 ۽ 72 تان به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا، رٽرننگ آفيسر ۽ اليڪشن ٽربيونل نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا هئا، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ فهميده مرزا تي بينڪ ڊيلفالٽر هجڻ جا الزام هنيا هئا، سنڌ هاءِ ڪورٽ سمورين ڌرين جا دليل ٻڌڻ بد اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ فهميده مرزا کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته ذوالفقار مرزا ۽ فهميده مرزا جا فارم بحال ٿيڻ جي خوشي ۾ بدين ۾ انهن جي حمايتين طرفان محمد نديم مغل، واحد بخش چانڊيو، حنيف سيهڙات ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مٺايون ورهايون ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.