عام چونڊون 2024ع، سيڪيورٽي انتظامن جي نگراني لاءِ ڪاميٽي قائم

 اسلام آباد (م ڊ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ايندڙ عام چونڊن ۾ سيڪيورٽي انتظامن جي نگراني لاءِ ڪاميٽي ٺاهي ڇڏي آهي. ان  حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق ڪاميٽي ۾ گهرو سيڪريٽري سميت چئني صوبن جا چيف سيڪريٽريز شامل هوندا. نوٽيفڪيشن ۾ٻڌايو ويو ته ڪامِيٽي 7 ميمبرن تي ٻڌل آهي. جڏهن ته مواصلات وارو وزير ڪاميٽي جو ڪنوينر هوندو، ڪاميٽي چونڊن جي بهتر اهتمام لاءِ اليڪشن ڪميشن جي هدايتن تي عمل ڪندي ۽ اضافي سڪيورٽي جي هنگامي ضرورت تي هدايتون به جاري ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.