ڪراچي ۾ تازه ڄاول ٻار اغوا ڪندڙ عورت گرفتار، هڪ ٻارڙي هٿ

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي کارادر واري علائقي مان نئين ڄاول ٻارن جي خريد ۽ وڪري ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري هڪ ٻارڙي هٿ  ڪري ورتي. تفصيل موجب ڪراچي جي اسپتالن ۽ مختلف ڳوٺن مان نوان ڄاول ٻار خريد ڪري وڪرو ڪندڙ جوابدار عورت کي گرفتار  ڪيو ويو، کارادر پوليس جوابدار عورت فاطمه وٽان نئين ڄاول ٻارڙي به هٿ ڪري ورتي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار نئين ڄاول ٻار کي ٺٽي جي ڳوٺ مان 2 لک رپين ۾ خريد ڪيو هو ۽ تازو ڄاول ٻار کي وڪڻڻ لاءِ ڪراچي آيل هئي ڄاول ٻارڙن کي وڪرو ڪندڙ جوابدار کي ڳجهي اطلاع تي گرفتار ڪري ورتو، جوابدار خلاف کارادر ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جوابدار عورت فاطمه کان وڌيڪ جاچ جاري آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.