ملڪ جي ترقي چاهيو ٿا ته بلاول کي ڪامياب ڪرايو: آصفه ڀٽو

ٽنڊو محمد خان ( رپورٽ : اويس حيدر شورو ) ٽنڊو محمد خان ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري جي آمد تي هزارين پ پ ڪارڪنن  مرد ۽ عورتن جي گلن جي ورکا سان شاندار آجيان، ٽنڊو محمد خان جي حيدرآباد بدين روڊ مين بس اسٽاپ تي پ پ طرفان رکيل عوامي جلسي عام کي شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري خطاب ڪندي چيو ته ملڪ کي ڀٽو جي خاندان جي قربانين بچايو آهي، اڄ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي شهيد بينظير ڀٽو جي ڏنل شهادت جي عظيم قربانين جي ڪري ملڪ جي اندر جمهوريت جو نظام روان دوان آهي، ڀاءُ پ پ چيرمين بلاول ڀٽو زرداري عوام کي ملڪ جي ترقي خوشحالي غربت جي خاتمي جو عوام دوست منشور ڏنو آهي، سندس پيش ڪيل پارٽي منشور ۾ ساڳيو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي شهيد بينظير ڀٽو جو نظريو شامل آهي جنهن ۾ ملڪ کي بچائڻ لاءِ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ کين ڏکن سورن مان نجات ڏيارڻ آهي ، ملڪ ۾ وري چونڊون ٿي رهيون آهن، بلاول ڀٽو زرداري جي اعلى قيادت عوام جي حقن جي ترجماني ڪري رهيو آهي ملڪ کي هاڻي مهانگائي بيروزگاري بدحالي ۽ معاشي بحران مان نجات ڏيارڻ لاءِ نوجوان قيادت بلاول ڀٽو زرداري جي وزيراعظم پاڪستان ٿيڻ سان ملڪ ترقي ڏانهن گامزن ٿيندو، اوهان ملڪ جي ترقي چاهيو ٿا ته ملڪ مان نوجوانن کي روزگار جا موقعا ملي سگهن، نوجوان بيروزگاري جي زندگي کان نجات حاصل ڪري پنهنجو روشن مستقبل بڻائي سگهن ته اسان کي بلاول ڀٽو زرداري جا هٿ مضبوط ڪرڻا پوندا .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.