واشنگٽن/انقره/(م ڊ)آمريڪا جي ايراني حملي جي سخت مذمت،آمريڪا، ايران طرفان پاڪستاني علائقي تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ايران ٽن پاڙيسري ملڪن جي خودمختيار سرحدن جي ڀڃڪڙي ڪئي، ايران خطي ۾ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو اسپانسر آهي ۽ ايران جي ڪري ئي آمريڪا عراق ۾ موجود آهي، هوڏانهن روس ڇڪتاڻ جي صورتحال ۾ پاڪستان ۽ ايران تي زور ڏنو آهي ته اهي صبر جو مظاهرو ڪن، صورتحال ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ خطي جي امن، استحڪام ۽ سلامتي ۾ دلچسپي نه رکندڙن جي هٿن ۾ رانديڪو بڻجندي.ماسڪو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي روسي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماريا زخارووا چيو ته ايس سي او جي دوست ملڪن ۾ ڇڪتاڻ افسوسناڪ آهي، ڌريون صبر کان ڪم وٺن ۽ تڪرار جو سياسي ۽ سفارتي حل ڪڍن،يورپي يونين جو چوڻ آهي ته ان کي تازن ڏينهن ۾ پاڪستان ۽ ايران پاران هڪ ٻئي جي سرزمين تي حملن کانپوءِ وچ اوڀر ۽ ان کان ٻاهر تشدد جي چڪر تي ڳڻتي آهي، ترجمان پيٽر اسٽينائو چيو ته پاڪستان، عراق ۽ ايران تي حملا يورپي يونين لاءِ ڳڻتي جو سبب آهن هوڏانهن ترڪيه جي پرڏيهي وزير حاقان فيدان چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفون تي ڳالهه ڪئي آهي، ايران ۽ پاڪستان ٻئي خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌائڻ نٿا چاهين،هن چيو ته ترڪيه جي تجويز آهي ته ڌريون وڌيڪ ڇڪتاڻ نه وڌائن، جلد کان جلد امن بحال ڪن. هوڏانهن افغانستان جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان عبدالقهار بلخي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران کي تازي ڇڪتاڻ ۾ ذميواري جو مظاهرو ڪندي صبر جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي. هوڏانهن وائيٽ هائوس قومي سلامتي ترجمان جان ڪربي چيو آهي ته اسان ايران کي جوهري هٿيارن سان گڏ ڏسڻ نٿا ڏسڻ چاهيون، پاڪ ايران ڇڪتاڻ کي مانيٽر ڪري رهيا آهيون، خطي ۾ ڇڪتاڻ نٿا چاهيون، اسان کي تازن واقعن تي ڳڻتي آهي، جان ڪربي چيو ته پاڪستان ايران جهڙپن جي نگراني ڪري رهيا آهيون، ايران جو حملو خطي ۾ ايراني عدم استحڪام جي روئي جو هڪ ٻيو مظاهرو هو،اسان پنهنجي پاڪستاني اختيارين سان رابطي ۾ آهيون، آمريڪا ٻه رياستي حل لاءِ ڪم ڪرڻ کان نه روڪيندو.