پي سي بي رانديگرن کي ليگ ڪرڪيٽ جي اجازت ڏيڻ لاءِ سخت شرط رکي ڇڏيا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم مئنيجمينٽ رانديگرن کي واضح ڪيو آهي ته پرڏيهي ليگز کيڏڻي آهي ته پهريان ڊوميسٽڪ ميچون کيڏو.
فٽنس مسئلن جو شڪار پاڪستاني ڪرڪيٽرز نسيم شاهه، محمد حسنين ۽ احسان الله بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ شرڪت جا خواهشمند آهن جڏهن ته شاداب خان آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي کيڏڻ چاهين ٿا.
شاداب خان جي ڪليئرنس ۽ ٻين ٽن فاسٽ بالرن کي اين او سي ڏيڻ لاءِ پي سي بي ٽيم مئنيجمينٽ سان صلاح مشورو شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب، ٽيم مئنيجمينٽ واضح پيغام ڏنو آهي ته پهرين علائقائي ميچون کيڏو، فٽنس ثابت ڪريو ۽ پوءِ ليگز ۾ حصو وٺو.
ٽيم مئنيجمينٽ جي پيغام کانپوءِ شاداب خان پريذيڊينٽ ٽرافي کيڏڻ لاءِ ڪراچي پهچي ويو آهي، کيس اين او سي ملي چڪي آهي پر انجري سبب کيس پي سي بي کان هڪ ڀيرو وري ڪليئرنس وٺڻي پوندي.
ٽيم مئنيجمينٽ جو موقف آهي ته رانديگرن جي انجري کانپوءِ علاج يا ري هيب پروگرام جا خرچ پي سي بي برداشت ڪري ۽ جڏهن کيڏڻ جو وقت اچي ته پرڏيهي ليگ کيڏڻ هليا وڃن ٿا، انڪري هاڻ رانديگرن کي پنهنجي فٽنس ثابت ڪرڻي پوندي.
واضح رهي ته بنگلاديش پريميئر ليگ 19 جنوري کان شروع ٿيندي، جنهن ۾ پاڪستان جي 16 ڪرڪيٽرز کي حصو وٺڻو آهي پر اڃا تائين پي سي بي ڪنهن به رانديگر کي اين او سي جاري ناهي ڪئي جڏهن ته نسيم شاهه، احسان الله ۽ محمد حسنين کي اين او سي سان گڏ پنهنجي فٽنس به ڏيڻي پوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.