رڳو پ پ عوام کي رليف ڏيڻ چاهي ٿي، وڏو وزير ۽ وزيراعظم به جيالو هوندو: بلاول

نوشهرو فيروز (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ تير ۽ شينهن جو مقابلو آهي، عوام پ پ کي وڏي اڪثريت ڏياريندو، وڏو وزير ۽ وزيراعظم به جيالو هوندو.
نوشهري فيروز ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ جو عوامي معاشي معاهدو غربت سان مقابلي لاءِ آهي، 10 نڪاتي ايجنڊا غربت، مهانگائي ۽ بيروزگاري سان مقابلي لاءِ آهي، اسان نه رڳو سنڌ پر وفاق ۾ به حڪومت ٺاهينداسين ۽ غربت، مهانگائي ۽ بيروزگاري جو مقابلو ڪنداسين.
هن چيو ته اسان ٻوڏ کانپوءِ متاثرن جي مدد ڪئي، گهر ٺاهڻ جو سڀ کان وڏو منصوبو سنڌ حڪومت هلائي رهي آهي، نگران حڪومت ۾ منصوبا سست ٿي ويا آهن پر چونڊون کٽي ٻيهر ڪم شروع ڪنداسين، تعليمي ادارا قائم ڪنداسين، عوام کي صحت جون سهولتون ڏينداسين.
سندس چوڻ هو ته ٻيون جماعتون سياسي انتقام لاءِ وڙهي رهيون آهن، پ پ اڪيلي جماعت آهي، جيڪا عوام کي رليف ڏيڻ چاهي ٿي، شهيد بي بي جو منشور هو ته بينظير ايندي روزگار آڻيندي، اڄ به عوام اٽي، لٽي ۽ اجهي جو مطالبو ڪري رهيو آهي، اسان سڀ گڏجي پ پ جي منشور تي ڪم ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.