ٽرين ۾ فون چوري ڪندڙ همراهه کي مسافر دريءَ ۾ ٽنگي ڇڏيو

چوري جي واردات ۾ ڪڏهن ڪڏهن چور سان ڏاڍي ٿي ويندي آهي ۽ اهڙو ئي هڪ واقعو ڀارت ۾ هڪ چور سان ٿيو آهي.
ڀارتي رياست بِهار ۾ هڪ چور هلندڙ ٽرين مان مسافر جي فون چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر چور کي اها حرڪت مهانگي پئجي وئي.
ڀارتي ميڊيا موجب جيئن ئي چور ٽرين جي دريءَ مان مسافر جو فون چوري ڪرڻ جي ڪوشش ته مسافر حاضر دماغي جو استعمال ڪندي چور جو هٿ پڪڙي ورتو ۽ ائين چور هلندڙ ٽرين ۾ دري ۾ ٽنگجي پيو.
ان حوالي سان وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ چور کي هلندڙ ٽرين جي دريءَ ۾ ٽنگيل ڏسي سگھجي ٿو ۽ هو گوڙ ڪري رهيو آهي.

وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته ٽرين جي رفتار گھٽجڻ تي پٽڙي تي ٻه ماڻهو ڀڄندا اچن ٿا جيڪي چور کي حادثي کان بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.
ميڊيا رپورٽن موجب اها وڊيو ٽرين ۾ موجود مسافر پاران رڪارڊ ڪئي وئي جنهن تي سوشل ميڊيا واهپيدارن پاران دلچسپ تبصرن جو سلسلو جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.