فلمن ۾ ڪڏهن پاڪستان بدران چين تي به بمباري ڪريو: بالي ووڊ تي تنقيد

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فلمن تي تبصرو ڪندڙ ڪمال راشد خان عرف ڪي آر ڪي به بالي ووڊ فلم فائٽر جو ٽريلر ڏسي مڇرجي پيو ۽ ڀارتين کي ست سُريون ٻڌائي ڇڏيون.
سوشل ميڊيا تي ڪي آر ڪي جو هڪ وڊيو بيان تيزي سان وائرل ٿي رهيو آهي جنهن ۾ کيس فائٽر فلم جي ٽريلر تي ڇتي تنقيد ڪندي ڏسي سگھجي ٿو.
وڊيو بيان ۾ ڪي آر ڪي جو چوڻ هو ته منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هر فلم ۾ پاڪستان تي ئي بمباري ڇو ٿيندي آهي ڪڏهن چائنا تي ڇو ناهي ٿي، چائنا سان به اسان جو اوترو ئي جهيڙو آهي جيترو پاڪستان سان آهي، مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هر فلم ۾ پاڪستان تي ئي بمباري ڇو ٿي ڪئي وڃي چين تي بمباري ڪرڻ سان ڪهڙو مسئلو آهي، فلم فائٽر ۾ ڏٺو ويو ته اسان جا آفيسر پي او ڪي ۾ لهن ٿا ۽ پوءِ اتي ويڙهه شروع ٿئي ٿي ۽ پوءِ انڊين آفيسر پاڪستان کي تباهه ڪري ڇڏين ٿا.
ڀارتي اداڪار ۽ تنقيد ڪندڙ چيو ته جڏهن هر فلم ۾ ٻه ٽي آفيسر وڃي پاڪستان کي ختم ڪري اچي وڃن ٿا ته منهنجو سوال اهو آهي ته پوءِ ڀارت کي لکن جي فوج رکڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، هندستان ايترا هٿيار ڇو خريد ڪيا آهن؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.