پاڪستان جو ايران کي جواب، آپريشن ”مرگ بر سرمچار“ شروع، ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ )آپريشن مرگ بر سرمچار شروع، پاڪستان جو ايران کي جواب، سيستان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي ڪارروائي، ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر ايران جي علائقي سيستان ۾ ڪيل حملي تي وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، 18 جنوري جي صبح پاڪستان، ايران ۾ حملا ڪيا ۽ انهن دهشتگردن خلاف ڪارروائيون ڪيون جيڪي پاڪستان ۾ تازن حملن ۾ ملوث هئا، پاڪستان ڊرونز، راڪٽس ۽ ٻين هٿيارن سان ڪارروائيون ڪيون.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيستان ۾ بلوچستان لبريشن آرمي ۽ بلوچستان لبريشن فرنٽ جي ٿاڪن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو ويو، آپريشن ڳجهي اطلاع تي ڪيو ويو ۽ آپريشن جو نالو ” مرگ بر “ رکيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آءِ موجب، نشانو بڻايل ٿاڪ پاڪستان خلاف ڪارروائين ۾ ملوث دهشتگردن جي استعمال هيٺ هئا، پاڪ فوج دهشتگردن جي ڪارروائين خلاف پاڪستاني شهرن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ مستقل تيار آهي.
آءِ ايس پي آر پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته اسان جو عزم آهي پاڪستان جي علائقائي حدن جي خودمختياري کي هر صورت ۾ محفوط بڻائينداسين، عوام جي مدد سان پاڪستان سمورن دشمنن کي ناڪام بڻائڻ جو عزم ورجائي ٿو ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ ٻن پاڙيسري ملڪن سان ڳالهيون ۽ سهڪار کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا، دوست ملڪن سان ٻه طرفا معاملا طئي ڪرڻ چاهيون.

صدر ۽ سينيٽ چيئرمين طرفان ايران ۾ دهشتگردن کي مهارت سان نشانو بڻائڻ تي فوج کي ڀيٽا پيش
صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ايران ۾ دهشتگردن جي ٿاڪن کي ڪاميابي سان نشانو بنائڻ تي پاڪ فوج جي پيشواراڻي مهارت جي واکاڻ ڪئي آهي.
صدر عارف علوي پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪ فوج پنهنجي قومي سلامتي ۽ علائقائي ساليمت تي ٺاهه نه ڪندو، پاڪستان پنهنجي سرزمين جي دفاع لاءِ تمام ضروري قدم کڻندو.
صدر دهشتگردن جي ٿاڪن کي نشانو بڻائڻ تي پاڪ فوج جي پيشوراڻي مهارت کي ساراهيندي چيو ته دهشتگردي گڏيل چئلينج آهي جنهن جي خاتمي لاءِ عالمي ڪوششن جي ضرورت آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان سمورين رياستن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو مڪمل احترام ڪري ٿو ۽ ٻين ملڪن مان به اِها ئي اميد رکي ٿو ته عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي نه ڪئي وڃي.
صدر چيو ته پاڪستان ۽ ايران دوست ملڪ آهن، ٻنهي کي مسئلا ڳالهين ۽ صلاح مشوري سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ٻئي پاسي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي به آپريشن “ مرگ برسرمچار“ انجام ڏيڻ تي پاڪ فوج کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته آپريشن پاڪ فوج جي مثالي صلاحيت ۽ پيشواراڻي مهارت جو ثبوت آهي.
صادق سنجراڻي چيو ته پاڪستان امن پسند قوم آهي پر پر ان عزم کي ڪمزوري جي علامت نه سمجهيو وڃي، آپريشن ” مرگ بر سرمچار “ جي ڪاميابي دشمن قوتن لاءِ هڪ پيغام آهي.
هن چيو ته پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت تي ڪو به ٺاهه نه ڪيو ويندو، پوري قوم پاڪ فوج جي بهادي کي سلام پيش ڪري ٿي.

ايران پاڪستاني حملن ۾ ستن ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي
ايران جي سرڪاري خابرو اداري ارنا پاڪستان جي حملن ۾ 7 ڄڻن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي
ايران جي سرڪاري ميڊيا پاران پاڪستان جي حملي ۾ شهرين جي مارجي وڃڻ جي واويلا ڪئي پئي وڃي
ايراني ميڊيا موجب اڄ صبح سراوان شهر ۽ ڀرپاسي جا علائقا ڌماڪن سان گونجي اٿيا، 7 معصوم شهري مارجي ويا آهن.
ايراني صوبي سيستان بلوچستان جي ڊپٽي گورنر جنرل علي رضا مرهماتي چيو آهي ته حملن ۾ مارجي ويل 7 ڄڻا ايراني شهري نه هئا، سراوان جو علائقو سيستان بلوچستان صوبي جي راڄڌاني زاهدان کان 347 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ آهي.

سيستان ۾ مارجي ويل دهشتگر پاڪستاني شهري ۽ ايران ۾ لڪل هئا: پرڏيهي کاتو
ان سلسلي ۾ پرڏيهي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ ٻڌايو ته آپريشن جو نالو مرگ بر سرمچار رکيو ويو آهي، سيستان ۾ انٽيلي ج نس بيسڊ پاڪستاني آپريشن ۾ ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا.
پرڏيهي ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪستان ڪجهه سالن کان ايران کي بار بار دهشتگردن جي چرپر بابت آگاهه ڪندو رهيو، آپريشن جي ڪاميابي هٿياربند فوج جي پيشوراڻي مهارت جو ثبوت آهي.
هن چيو ته پاڪستان پنهنجي عوام جي تحفظ ۽ سلامتيءَ لاءِ ضروري قدم کڻدو رهندو، پاڪستان اسلامي جمهوريه ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو مڪمل احترام ڪري ٿو.
پرڏيهي ترجمان موجب اڄوڪي ڪارروائي جو مقصد پاڪستان جي پنهنجي سلامتي ۽ قومي مفاد لاءِ هو، پاڪستان جي سلامتي ۽ قومي مفاد حاصل ڪرڻ تي ڪو به ٺاهه نه ٿو ڪري سگهجي.

پاڪ-ايران ڇڪتاڻ، نگران وزيراعظم جو پرڏيهي دورو مختصر
پاڪستان ۽ ايران ڇڪتاڻ سبب نگران وزيراعظم پنهنجو پرڏيهي دورو مختصرڪري ڇڏيو، اڄ رات ڊيووس کان ڏيهه واپس پهچندو.
وزيراعظم هائوس جي ترجمان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڊووس وارو پنهنجو دورو مختصر ڪري ڇڏيو، نگران وزيراعظم اڄ رات دوري مختصر ڪري ڏيهه واپس پهچي رهيو آهي.
ان کان اڳ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي 22 جنوري تي ڏيهه واپس اچڻو هو.

ايران ۾ مقرر پاڪستاني سفير مدثر ٽيپو وطن واپس پهچي ويو
ايران ۾ پاڪستان جو سفير مدثر ٽيپو وطن واپس پهچي ويو آهي.
ايران طرفان بلوچستان حملي جي نتيجي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ کانپوءِ پاڪستان ايران جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ ۽ پنهنجو سفير واپس گهرائڻ جو اعلان ڪيو هو.

چين جي پاڪ-ايران ڇڪتاڻ تي ٽياڪڙي جي آڇ
چين جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ايران طرفان پاڪستان جي صوبي بلوچستان ۾ حملي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران ڪنهن به اهڙي قدم کان پاسو ڪن جنهن سان حالتون وڌيڪ سنگيني طرف وڃن.
ٻئي پاسي ڪراچي ۾ مقرر چيني قونصلر جنرل يانگ يوڊونگ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ٽياڪڙي جي آڇ ڪندي ٻنهي ملڪن کي صبر کان ڪم وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي.
يانگ يوڊونگ چيو ته پاڪستان ۽ ايران خطي ۽ مسلم دنيا جا ٻه اهم ملڪن آهن، پاڪ-ايران اختلاف ڳالهين ذريعي حل ڪري سگهجن ٿا، اسان ٻنهي ملڪن ه اختلافن تي صبر جو مظاهرو ڪرڻ جي اپيل ڪيون ٿا.

آمريڪا جي ايراني حملي جي سخت مذمت
آمريڪا، ايران طرفان پاڪستاني علائقي تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ايران ٽن پاڙيسري ملڪن جي خودمختيار سرحدن جي ڀڃڪڙي ڪئي، ايران خطي ۾ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو اسپانسر آهي ۽ ايران جي ڪري ئي آمريڪا عراق ۾ موجود آهي.

ايران طرفان پاڪستاني هوائي حدن جي ڀڃڪڙي
ايران 16 جنوري جي رات بلوچستان جي علائقي پنجگور جي هڪ ڳوٺ ۾ ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ ٻه معصوم ٻار شهيد ۽ ٽي زخمي ٿي پيا هئا.
پاڪستان، حملي جي سخت لفطن ۾ مذمت ڪندي ان کي ملڪي خودمختياري ۽ ٻن طرفن لاڳاپن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو ۽ چيو ته حملي جي سموري ذميواري ايران تي لاڳو ٿئي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.