ايراني حملي جي مذمت ڪيون ٿا پر معاملا اتي ڪيئن پهتا؟ عمران خان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان چيو آهي ته ايراني حملي جي مذمت ڪيون ٿا پر ڏٺو وڃي ته معاملا اتي ڪيئن پهتا؟ ڇا ايران سان لاڳاپا خراب ڪرڻ اسان جي مفاد ۾ آهي؟ افغانستان جي سهڪار بنا دهشتگردي ختم نٿي ٿي سگهي.
اڊيالا جيل ۾ عدالتي ڪمري ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته ايران جيڪو ڪيو ان جي مذمت ڪيون ٿا پر اهو به ڏسڻ گهرجي ته معاملي اتي ڪيئن پهتا؟ وڏي خطرناڪ صورتحال آهي، اهو ڪهڙو عقل آهي ته ڪوئي ملڪ کي ان پوزيشن تي آڻي ڇڏي.
سندس موجب شاهه محمود قريشي پرڏيهي وزير طور افغانستان ويو ته انهن مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي، بلاول پرڏيهي وزير هوندي هڪ ڀيرو به افغانستان نه ويو، دهشتگردي افغانستان جي سهڪار بنا ختم نٿي ٿي سگهي، اڄ افغانستان بارڊر بند ڪرڻ جو سوچي رهيو آهي.
هن چيو ته مان وزيراعظم طور پاڻ به ايران ويو هيس ۽ سپريم ليڊر سان به مليو هيس، جيڪي ماڻهو چاهين ٿا ته ايران سان لاڳاپا خراب ٿين، اهي اڄ خوش آهن، ڇا ايران سان سهڪار ختم ڪرڻ اسان جي مفاد ۾ آهي؟ ڀارت جي پاڪستان بابت پاليسي به ٺهي ناهي، معاملا وڌڻ بدران صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.