دنيا ۾ سگريٽ ڇڪيندڙن جو انگ گھٽجي ويو

تماڪ ٺاهيندڙ وڏين ڪمپنين پاران ماڻهن کي تماڪ واپرائڻ ڏانهن ڇڪڻ جون ڪوششون ناڪام ٿي ويون، سڃي دنيا ۾ تماڪ واپرائيندڙن جي انگ ۾ گھٽتائي ٿي آهي.
صحت جي عالمي اداري جو چوڻ آهي ته هن وقت دنيا ۾ هر پنجن مان رڳو هڪ ماڻهو سگريٽ ڇڪي، پاڪستان ۾ 15 سالن يا مٿي عمر وارن ماڻهن ۾ سگريٽ ڇڪڻ جي شرح 16.9 سيڪڙو آهي.
رپورٽ موجب 150 ملڪ ريگيوليشن، واڌو ٽيڪس ۽ ٻين قدمن ذريعي تماڪ جي استعمال کي ڪاميابي سان گهٽائي رهيا آهن. تماڪ ڇڪڻ وارن جو تعداد ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ يورپ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، مصر، اردن ۽ انڊونيشيا سميت ڪجهه ملڪن ۾ تماڪ جو استعمال اڃا به وڌي رهيو آهي.
ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي رپورٽ موجب 2000ع ۾ سڄي دنيا ۾ 15 سالن ۽ ان کان وڌيڪ عمر وارا 1.36 ارب ماڻهو تماڪ ڇڪي رهيا هئا، جڏهن ته 2022ع ۾ اهو انگ گهٽجي 1.25 ارب ٿي ويو، 2030ع تائين تماڪ جو استعمال وڌيڪ گهٽجي 1.2 ٿي ويندو.
رپورٽ موجب دنيا ۾ سراسري طور 13 کان 15 سالن جي عمر جا 10 سيڪڙو ماڻهو تماڪ جي هڪ يا وڌيڪ قسمن جو استعمال ڪن ٿا، سڄي دنيا ۾ تماڪ جي استعمال سان هر سال 80 لک کان وڌيڪ ماڻهو مري وڃن ٿا، جن ۾ اندازي مطابق 13 لک تماڪ نه واپرائيندڙ به شامل آهن.
يو ايس سينٽر فار ڊزيز ڪنٽرول موجب سگريٽ ڇڪڻ ڪينسر، دل جي بيماري، فالج، ڦڦڙن جي بيماري، شگر سميت ٻين صحت جي مسئلن جو سبب بڻجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.