پاڪ – ايران ڇڪتاڻ تي پي ٽي آءِ جو موقف سامهون اچي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف ترجمان چيو آهي ته ٻاهرين جارحيت جي مقابلي لاءِ پي ٽي آءِ مڪمل طور پاڪ فوج سان گڏ بيٺي آهي.
پاڪ – ايران ڇڪتاڻ تي تحريڪ انصاف جي ترجمان چيو ته ايران ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي حملا پاڪستاني سلامتي ۽ خود مختياري لاءِ اڻٽر آهن.
هن چيو ته پاڪستان جي سلامتي ۽ خود مختياري سڀني کان مٿي آهي ۽ ٻاهرين جارحيت جي مقابلي لاءِ پي ٽي آءِ مڪمل طور پاڪ فوج سان گڏ بيٺي آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان اهڙي جارحيت تي مناسب انداز ۾ جواب ڏيڻ جو مڪمل حق رکي ٿو، اميد ته ايران وڌيڪ ڇڪتاڻ بدران ذميواري جو مظاهرو ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.