دنيا نئين وبا لاءِ تياري شروع ڪري، صحت جي عالمي اداري خبردار ڪري ڇڏيو

دنيا کي ڊزيز ايڪس سان وڙهڻ لاءِ تياري هاڻي کان شروع ڪري ڇڏڻ گھرجي.
اها ڳالهه ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر ٽيڊروس ايڍانوم چئي آهي.
سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ جاري ورلڊ اڪنامڪ فورم دوران ڊاڪٽر ٽيڊروس ايڍانوم خبردار ڪيو ته ڊيز ايڪس هڪ عالمي مسئلو آهي جنهن لاءِ اسان کي تيار رهڻ جي ضرورت آهي.
واضح رهي ته صحت جي عالمي اداري امڪاني وبا جو نالو ڊزيز ايڪس رکيو آهي.
اهو نالو سڀ کان اڳ ڊبليو ايڇ او جي لسٽ ۾ 2018ع ۾ شامل ڪيو ويو هو، يعني ڪورونا جي اڀرڻ کان اڳ.
ڊاڪٽر ٽيڊروس ايڊهانوم چيو ته توهان ڪووڊ کي پهرين بيماري ايڪس چئي سگهو ٿا ۽ اهو مستقبل ۾ ٻيهر ٿي سگهي ٿو.
هن چيو ته يقينن ڪجهه ماڻهو چوندا ته اهڙي خبرداريءَ سان خوف پکڙجي ويندو پر بهتر آهي ته هر شيءِ لاءِ تيار رهو ڇو ته اسان جي تاريخ ۾ ڪيترائي ڀيرا ائين ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي اسان کي ايندڙ وبا لاءِ تياري شروع ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته دنيا ڪورونا جي وبا مان سکي ورتو ته ايندڙ وبا کي ڪيئن منهن ڏيڻو آهي.
ڊبليو ايڇ او 2021 ۾ مستقبل جي وبائي مرضن کي روڪڻ لاءِ عالمي معاهدي جي منصوبن تي بحث ڪيو هو.
ان حوالي سان ڊبليو ايڇ او جي سربراهه ڊيووس ۾ چيو ته وبائي مرضن کي روڪڻ لاءِ معاهدو دنيا کي مستقبل ۾ ٿيندڙ وبائي مرضن کان بچائڻ لاءِ سڀ کان اهم هوندو.
هن وقت تائين، ملڪ ان معاهدي جي شرطن تي متفق نه ٿي سگهيا آهن.
ڊاڪٽر ٽيڊروس چيو ته ميمبر ملڪن جي وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن ۽ اسان کي اميد آهي ته معاهدو وقت سِر ٿي ويندو ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اسان جو نسل اهو نه ڪندو ته اسان نٿا سمجهون ته ايندڙ نسل اهو ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.