ڌار ٿيڻ جون خبرون، شعيب ملڪ ۽ ثانيا مرزا وچ ۾ معاملا ڪيئن آهن؟

ڀارت جي اڳوڻي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا ۽ پاڪستاني آل رائونڊر شعيب ملڪ وچ ۾ عليحدگي جون خبرون هڪ ڀيرو گرم ٿي ويون آهن.
ڪجهه عرصو اڳ ٻنهي جي ڌار ٿيڻ جون خبرون پاڪستاني ۽ ڀارتي ميڊيا تي ڇانيل رهيون، ثانيا مرزا ۽ شعيب ملڪ جا مداح به اهڙيون خبرون ڏسي پريشان ٿي ويا هئا.
اهڙين خبرن کانپوءِ ثانيا مرزا پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي ڪجهه اهڙيون پوسٽون شيئر ڪندي رهندي آهي جيڪي يا ته خاندان بابت هونديون آهن يا ڪجهه اهڙيون جيڪي سندن ازدواجي زندگي جي لاهن چاڙهن ڏانهن اشارو ڪنديون آهن.
هاڻ گذريل ڏينهن اڳوڻي ٽينس اسٽار هڪ اسٽوري شيئر ڪئي جنهن کانپوءِ ڀارتي ميڊيا تي هڪ ڀيرو وري شعيب ۽ ثانيا جي طلاق جون خبرون هلايون پيون وڃن.
ثانيا پنهنجي اسٽوري پوسٽ ۾ لکيو ته زندگي ڪڏن آسان ناهي هوندي، هر شيءَ مشڪل هوندي آهي پر انسان کي چونڊ ڪرڻي پوندي آهي هو ڪهڙو ڏکيو ڪم پنهنجي لاءِ چونڊي ٿو.
ان کانسواءِ ثانيا پنهنجي انسٽاگرام تان شعيب ملڪ سان تازيون تصويرون پڻ ڊليٽ ڪري ڇڏيون آهن.
ياد رهي ته ثانيا مرزا ۽ شعيب ملڪ جي عليحدگي جون خبرون نومبر 2022ع کان گردش ڪري رهيون آهن پر جڏهن ثانيا ۽ شعيب ” دي مرزا ملڪ شو “ لاءِ گڏ شوٽنگ ڪئي ته اهڙين افواهن دم ٽوڙي ڇڏيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.