ڊرامن وارا ڪم حقيقي زندگي ۾ ڪيان ته مالڪ گهران ڪڍي ڇڏين: عائزا خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا عائزا خان چيو آهي ته جيڪڏهن هوءَ حقيقي زندگي ۾ به ڊرامن وارا ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ته کيس گھر مان ئي ڪڍيو ويندو.
عائزا خان جي سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو ڪلپ وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هوءَ حقيقي زندگي ۽ پنهنجي اداڪاري بابت ڳالهائي نظر اچي رهي آهي.
اداڪارا کان پڇيو ويو ته هوءَ ڊرامن جيان حقيقيق زندگي ۾ به ائين ئي آهي؟ جنهن تي اداڪارا وضاحت ڪئي ته سندس حقيقي زندگي ڊرامن کان مختلف آهي.

@murtazaviews London meet & greet with Shahid Afridi, Ayeza Khan, Fahad Mustafa and Gohar Khan #ayezakhan #shahidafridi #fahadmustafa #goharkhan #celebritynews #pakistan ♬ original sound – Murtaza Ali Shah


عائزا خان چيو ته هن جيئن ڊرامي ۾ مبشرا نالي جو ڪردار ادا ڪيو، حقيقي زندگي ۾ هوءَ ائين نه آهي ۽ جيڪڏهن ائين هوندي ته کيس گھر مان ڪڍيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته هن جي حقيقي زندگي ڊرامن کان مختلف آهي، پر اداڪارا طور هوءَ ڪوشش ڪندي آهي ته هوءَ اهڙي اداڪاري ڪري جو ڏسندڙن کي هوءَ حقيقي لڳي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.