پاڪ – ايران ڇڪتاڻ تي افغانستان جو اهم بيان

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان عبدالقهار بلخي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران کي تازي ڇڪتاڻ ۾ ذميواري جو مظاهرو ڪندي صبر جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي.
عبدالقهار بلخي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ ڳڻتيءَ جوڳي آهي.
هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي ان صورتحال ۾ ذميواري جو مظاهرو ڪندي صبر جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، ڇو ته خطو ڊگهي جنگين کانپوءِ سلامتي ۽ استحڪام جو ساهه کڻي رهيو آهي، تنهن ڪري ٻنهي ڌرين کي علائقائي استحڪام کي وڌائڻ گهرجي ۽ تڪراري مسئلن تي سفارتي ذريعن سان ڳالهه ٻولهه جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.