پاڪستان ۽ ايران ۾ ڇڪتاڻ تي روس ڇا چيو؟

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس ڇڪتاڻ جي صورتحال ۾ پاڪستان ۽ ايران تي زور ڏنو آهي ته اهي صبر جو مظاهرو ڪن، صورتحال ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ خطي جي امن، استحڪام ۽ سلامتي ۾ دلچسپي نه رکندڙن جي هٿن ۾ رانديڪو بڻجندي.
ماسڪو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي روسي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماريا زخارووا چيو ته ايس سي او جي دوست ملڪن ۾ ڇڪتاڻ افسوسناڪ آهي، ٻنهي ملڪن جي روس سان لاڳاپن کي هٿي ملي رهي آهي.
هن چيو ته ٻئي ملڪ ۾ دهشتگردي خلاف ڪارروائي ان ملڪ جي انتظاميا جي سهڪار ۽ معاهدي تحت ٿيڻ گهرجي، ڌريون صبر کان ڪم وٺن ۽ تڪرار جو سياسي ۽ سفارتي حل ڪڍن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.