ڀولي شهري کان کسيل آءِ فون ڪيئن موٽائي ڏنو؟

ڀارت ۾ هڪ ڀولي پاران آءِ فون کسي ڀڄڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي.
ڀولن جي حرڪتن کان ته سڀ ماڻهو واقف آهن جيڪي انسان کان بلڪل ناهن ڊڄندا ۽ سندن شيون به کسي وٺندا آهن.
ڀارت جهڙي ملڪ ۾ اهڙا واقعا ٿيڻ معمول جي ڳالهه آهن ڇو جو ڪيترين ئي رياستن ۾ ڀولڙن جو وڏو انگ موجود آحي جيڪي ڪڏهن انسان کي چڪين ٿا ته ڪڏهن سندن شيون کسي فرار ٿي وڃن ٿا.
ڀارتي ميڊيا موجب اهڙو ئي واقعو ڀارتي رياست اتر پرديش جي شهر ورنداون جي مندر ٻاهران پيش آيو جنهن جي وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.
وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته ٻه ڀولا مندر جي اڱڻ ۾ قائم اڏاوت تي ويٺل آهن ۽ انهن مان هڪ ڀولي جي هٿ ۾ مندر آيل هڪ شخص جو کسيل آءِ فون آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Vikas🧿 (@sevak_of_krsna)

وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته ماڻهو گڏ ٿيل آهن جيڪي ڀولي کان آءِ فون وٺڻ جي ڪوشش ڪندي ڀولي ڏانهن شيون اُڇلي رهيا آهن ته جيئن ڀولو فون کي ڦٽو ڪري ڇڏي.
وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته ماڻهن جي اها محنت ڪامياب ٿئي ٿي ۽ ڀولو آءِ فون ڦٽو ڪري ڀڄي وڃي ٿو جنهن تي ماڻهو تاڙيون وڃائي خوشي جو اظهار ڪن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.