اوگرا ايل اين جي سستي ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايل اين جي سستي ڪري ڇڏي.
اوگرا موجب جنوري لاءِ ايل اين جي جي قيمت جاري ڪئي وئي آهي، سوئي ناردرن سسٽم تي جنوري ۾ ايل اين جي 1.13 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو سستي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سوئي سدرن سسٽم تي جنوري ۾ ايل اين اي 1.21 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو سستي ٿي آهي.
اوگرا چيو ته سوئي ناردرن سسٽم تي ايل اين جي جي نئين قيمت 13.68 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سوئي سدرن سسٽم تي ايل اين جي جي قيمت 14.24 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.