منشيات اسمگلنگ جي ڪوشش جو ڏوهه ثابت، جوابدار کي ڦاهي جي سزا

ڪراچي (رپورٽر)اينٽي نارڪوٽيڪس عدالت ٽريڪٽر جي ٽائرن ۾ منيشات رکي اسمگلنگ ڪري جي ڪوشش جو ڏوهه ثابت ٿيڻ  تي جوابدار قمرمحمود کي ڦاسي جي سزا ٻڌائي ڇڏي، شريڪ جوابدار عتيق رحمان کي ڪيس مان آزاد ڪيو ويو، عدالت ۾ پراسيڪيوٽر چيو ته اي اين ايف عملدارن پاڪستان انٽرنيشنل ڪارگو ٽرمينل تي ڪارروائي ڪري ڪنٽينٽر جي ٽائرن 20ڪلو هيروئن هٿ ڪئي هئي.

  • ويڪسينيشن کانسواءِ جانورن جي ڪراچي ۾ داخلا، ڌرين کان جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِڪورٽ ويڪسينيشن کانسواءِ جانورن کي ڪراچي ۾ داخلا جي اجازت ۽ غيرقانوني ٽيڪس وٺڻ جي حوالي سان ڊيري فارمز ايسوسيئيشن  جي درخواست تي ڌرين کي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، درخواستگذار جي وڪيل  عثمان فاروق چيو ته ڪراچي ۾ ايندڙ جانورن کي بغير ويڪسينيشن ۽ اسپري جي وڪرو ۽ خريد ڪيو پيو وڃي، قانون موجب جانورن جي وڪري ۽ خريد تي ٽيڪس نٿو وٺي سگهجي.

  • فارم رد ٿيڻ خلاف فهميده مرزا جي اپيل تي اليڪشن ڪميشن کان جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر) اليڪشن ٽربيونل جي جج جسٽس ارشد حسين خان عورتن جي مخصوص سيٽ تي اڳوڻي وفاقي وزير فهميده مرزا جي نامزدگي ڪاغذن خلاف اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، اليڪشن ٽربيونل ڌرين کا اڄ جواب طلب ڪري ورتو، جي ڊي اي طرفان عورتن جي مخصوص سيٽ تي فهميده مرزا فارم جمع ڪرايا هئا، اليڪشن ڪميشن پاران فهميده مرزا جا نامزدگي رد ڪيا ويا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.