پاڪستاني سرزمين تي صرف ايراني دهشتگردن کي نشانو بڻايو: ايراني پرڏيهي وزير

ڪراچي (م ڊ) ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبدالهيان چيو آهي ته اسان پاڪستاني سرزمين تي صرف ايراني دهشتگردن کي نشانو بڻايو هو،  خابرو اداري اي ايف پي موجب ڊيووس ۾ ڳالهائيندي ايراني پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته برادر ملڪ پاڪستان جو ڪو به شهري ايراني ميزائلن ۽ ڊرونز جو هدف ناهي بڻيو، نام نهاد جيش العدل گروهه، جيڪو ايراني دهشتگرد گروهه آهي اهو هدف بڻيو، ان گروهه پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي ڪجهه حصن ۾ پناهه وٺي ڇڏي آهي، اسان ان معاملي تي ڪيترائي ڀيرا پاڪستان جي سيڪيورٽي عملدارن سان ڳالهايو آهي، ايران پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو احترام ڪري ٿو، اسان جو معصوم ماڻهن کي نشانو بڻائڻ جو مقصد نه هو ۽ نه ئي معصوم شهري نشانو بڻيا، دهشتگردن خلاف قدم کنيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.