اسان کي ووٽ ڏيو، بلاول وزيراعظم ٿي اوهان لاءِ ڳالهائيندو: آصفه ڀٽو

ٽنڊوالهيار (رپورٽ :حسرت لغاري ) شھيد بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري  چيو آهي ته عوام جي طاقت سڀ کان وڏي آھي ۽ انھي طاقت  کي يڪجا ڪري ملڪ جي تقدير کي بدلائينداسين. پ پ ملڪ جي واحد سياسي پارٽي آھي جيڪا عوام جي بھتري لاءِ ميدان ۾ لٿل آھي،  شھيد بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري  ٽنڊوالهيار لڳ شاهپور رضوي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير سيد ضياءِ عباس شاهه رضوي طرفان منعقد ڪرايل ھڪ وڏي چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو عورتن جي زندگي کي بهتر بڻايو پر ظالمن کيس اسان کان جدا ڪري ڇڏيو.، بينظير ڀٽو کانپوءِ پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري بينظير انڪم سپورٽ ڪارڊ ذريعي عورتن تائين مدد پهچائي، جنھن سان ڪيترين ئي عورتن ۽ نياڻين جو مستقبل روشن ٿيو، اسان هڪ ضلعي يا صوبي نه پر سڄي پاڪستان جي عورتن جي مدد ڪئي آهي، بلاول ڀٽو زرداري عوام جي ڀلائي لاءِ ميدان ۾ آھي، ھن واعدو ڪيو آھي ته ملڪ جي وزير اعظم ٿيڻ جي صورت ۾ سڄي ملڪ جي عوام جي خدمت ڪندس، ٻين پارٽين کي صرف اقتدار حاصل ڪرڻ جي لالچ آھي پر  پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه عوام جي بھتري لاءِ سوچيو آهي ۽ اسان هميشه غريب ۽ پورھيت جو ساٿ ڏنو آهي، جڏهن بينظير ڀٽو وزيراعظم هئي ته هن جي پھرين ترجيح  عوام جي زندگي آسان ڪرڻ هو، منهنجو ڀاءُ بلاول ڀٽو زرداري واعدو ڪيو آھي ته هو جيڪڏهن  وزيراعظم ٿيو ته هن جي به پهرين ايجنڊا عوام جي زندگي آسان ڪرڻ هوندي، جلسي کي سيد ضياء عباس شاھ رضوي ۽ رئيس امداد علي پتافي پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.