ڌرتي سان محبت فطري عمل آھي، ڪنھن به ڌرتي سان چاھه رکندڙ شخص جي دل مان اھا محبت ڏاڍ جي ذريعي ختم ھرگز ڪري نٿي سگھجي، پر اھو ھڪ اھڙو جذبو آھي، جنھن کي ختم ڪرڻ جي جيتري به ڪوشش ڪجي، اھو ختم ٿيڻ جي بدران ويتر وڌندو رھندو آھي.
اسان جي ملڪ ۾ رڳو ڪلينڊر ۾ سال بدلجندا رھندا آھن، ۽ اسان ڄڻ ته ھڪ محدود دائري ۾ ھلون پيا، نتيجي ۾ دنيا، اسان کي پٺتي ڌڪي تمام گھڻو اڳتي نڪري وئي آھي. جيڪڏھن زميني حقيقتون ڏٺيون وڃن ته اسان اڄ به ڄڻ ان آمريت واري دور ۾ رھون پيا، جنھن دور ۾ سنڌ جو نانء کڻڻ به جھڙوڪ ڪاريھر تي پير رکڻ جي مترادف ھو.
عالمي قانون، اخلاقي قدر ۽ جمھوريت ھر انسان کي سياسي ۽ اظھار جي آزادي جو حق ڏئي ٿي. آمريت ۾ اھي بنيادي انساني حق غصب ڪيا ويندا آھن. آمريت ۽ جمھوريت ۾ فرق پڻ انھن شين جي ھجڻ يا نه ھجڻ سان معلوم ٿيندو آھي، اِھا اسان جي بدقسمتي چئجي جو ھتي اسان وٽ ڪڏھن به ڪنھن کي صحيح معني ۾ اظھار جي آزاديءَ حاصل ناھي رھي، اسان جي ملڪ اندر جمھوريت ۽ آمريت ۾ ڪڏھن به ڪو واضع فرق ناھي رھيو.
اڄ جي ۽ ماضي جي حالتن جو جيڪڏھن تقابلي جائزو ڪبو ته اسان کي موجوده دور کان وري به ماضي جون حالتون بهتر نظر اينديون.
ماضي ۾ به سياسي قيدين کي جيل ۾ ڪيئي سھولتون حاصل ھونديون ھيون، جھڙوڪ اخبارون پڙھڻ، ريڊيو ٻڌڻ، خط و ڪتاب، ملاقات جي اجازت ۽ کين عدالتن ۾ پيش ڪرڻ وغيره ان دور ۾ سياسي قيدين سان ڪرمنل قيدين کان به وڌيڪ بدتر سلوڪ نه ڪيو ويندو ھو، کين کنڀي سالن جا سال جبري طور لاپته به نه ڪيو ويندو ھو ۽ نه ئي مٿن دھشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويندا ھا،
سياسي وابستگي پڻ اظھار جي آزادي جي ذمري ۾ اچي ٿي. جيڪا پڻ طاقتور ماڻھن کي قبول ناھي، اھي عام ماڻھن جي انھن سياسي پارٽين ۾ شموليت کي قبول ڪندا آھن، جيڪي سندن ڊيڍ لائين تي ھلنديون آھن.سياست ۽ جمھوريت مڪمل طور تي غير سياسي ۽ طاقتور ماڻھن جي ڪنٽرول ۾ رھڻ سبب ان جي فائدن کان ملڪ ۽ ان جو عوام سدائين محروم رھيو آھي. اھوئي سبب آھي جو ملڪ جو عام ماڻھو سياست ۽ جمھوريت کان خفا خفا نظر اچڻ لڳو آھي، ڇا ڪاڻ ته ان جو ثمر کين حاصل نه ٿي سگھيو آھي ۽ اھي انھن جي اھميت کان سھي معني ۾ واقف نه ٿي سگھيا آھن.
جبري گمشدگين جي حوالي سان سنڌ ۽ بلوچستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ صوبا آھن. ان حساس ۽ عالمي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويل معاملي کي خوش اسلوبي سان نبيرڻ جي بدران بدستور طاقت جو استعمال جاري آھي، نه ڄاڻ اھو سلسلو ڪٿي ڇيھه ڪندو؟
جيتوڻيڪ مٿي ڄاڻايل معاملو نه رڳو ملڪي پر عالمي ميڊيا جو به موضوع بڻيل آھي، عجيب ماجرا ته اھا آھي جو ھتي ان حقيقت کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو پيو وڃي.جيڪو عمل يقينن ملڪي مفادن جي خلاف ۽ حقيقت کان فراريت آھي.
تازو سنڌ ۾ ڪجھه سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تي دھشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا آھن، جنھن ۾ عمر ڪوٽ واسي ارباب ڀيل پڻ شامل آھي. ھونئن ته سياسي ڪارڪنن جي گرفتاري ۽ مٿن داخل ٿيندڙ ڪيس اسان لاءِ ڪا نئين ۽ حيرت جھڙي ڳالھه ته ناھي، اھو سلسلو تمام گھڻو پراڻو آھي، پر مٿن داخل ڪيل ڪيسن ۾ دھشتگردي جا قلم شامل ڪرڻ غلط رجحان آھي، جنھن جي اسين مذمت ڪريون ٿا. ان عمل کي اسين سياسي ڪارڪنن کي سياسي سرگرمين مان تخريبي سرگرمين ڏانھن راغب ڪرڻ جي سازش سمجھون ٿا.
سياسي ڪارڪنن لاءِ سياسي ميدان کليل ڇڏيو وڃي، ته جيئن نوجوان سياسي ترتيب حاصل ڪندا رھن ۽ مھذب شھري بڻجي وڃن. سندن سياسي رستا روڪ ڪرڻ منجھن انتھاپسندي وڌندي ۽ منفي جذبا بيدار ٿيندا، جيڪي امن و امان جي صورتحال کي سبوتاز ڪري سگھن ٿا. ان لاءِ ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته سياسي ڪارڪنن مٿان داخل ڪيل ڪيس ختم ڪيا وڃن.